عالم خان گوپانگ

عالم خان گوپانگ: نامور ملهه پهلوان خان گوپانگ'>عالم خان گوپانگ خيرپور ميرس جو رهاڪو هو. ميرن جي وقت ۾ هن جي طاقت جو چرچو عام هو. ڪنهن مامري سبب خيرپور ميرس جي حاڪمن وٽ قيد هو. مير حاڪم سندس پت پرکڻ لاءِ کانئس ڪلهي تي توب کڻائي. اها توب ‘مريم’ نالي سان سڏبي هئي ۽ خيرپور جي ميرن وٽ مڙني توبن کان وڌيڪ ڳوري هئي، جيڪا خيرپور جي اي. سي آفيس اڳيان اڄ به رکيل آهي. مير حاڪم کي آفريڪي شيديءَ باور ڪرايو ته سندس رياست جو ڪو به ماڻهو هن سان پڄت جو ڪونهي، تڏهن مير حاڪم جي چوڻ تي هن شيديءَ سان مقابلو ڪيو ۽ کٽيائين، جنهن تان وقت جي حاڪم پاران خيرپور رياست طرفان کيس ‘سڀ کان وڏو پهلوان’ جو خطاب مليو. هن وڏي ڄمار ۾ وفات ڪئي. سندس قبر تعلقي ڪوٽڏيجيءَ جي پير شاهه قبرستان ۾ آهي.


لفظ عالم خان گوپانگھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو